چـولـياڻي روپـلـو

چـولـياڻي روپـلـو

چولياڻي روپلو

چـولـياڻي روپـلـو: نـوجـوان قومپرست اڳواڻ عبدالجبار عرف روپلو چولياڻي، ڳوٺ شمون خان چولياڻيءَ (تعلقي وارهه، ضلعي قبر شهدادڪوٽ) ۾، عبدالستار چولياڻيءَ جي گهر ۾، 23 سيپٽمبر 1975ع تي ڄائو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول گل ٻرڙي مان حاصل ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارهه مان مئٽرڪ ڪئي. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد مان ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان سوشل ورڪ ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. اسڪول جي زماني ۾ لطيف سنگت جي پليٽفارم تان شاگرد سياست جي شروعات ڪيائين ۽ اڳتي هلي ان جو مرڪزي اڳواڻ ٿيو. ان کان پوءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ يونيورسٽيءَ جو آرگنائيزر، جنرل سيڪريٽري ۽ صدر ۽ بعد ۾ مرڪزي نائب صدر ٿيو ۽ 9-2008ع دوران مرڪزي صدر رهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جي جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. هن جو واسطو ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ (آريسر) سان هو ۽ آخري ڏهاڙن ۾، 2010ع کان جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ هن تنظيم جو مرڪزي مالياتي سيڪريٽري ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو. روپلو ڪيترو وقت جيل ۾ به رهيو. هو جوشيلو ورڪر ۽ ’فڪر جي. ايم. سيد‘ جو سچو پرچارڪ هو. هن جي خاندان ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هڪ بهادر شخص ٿي گذريو آهي، جنهن مدد خان پٺاڻ سان وڙهندي شهادت ماڻي هئي. هن خاندان، انگريزن سان به چوٽون کاڌيون. روپلي جي ڏاڏي شمون خان انگريزن خلاف متحرڪ ڪردار ادا ڪيو.
روپلو چولياڻي، شاديءَ جي سترهين ڏينهن گرفتار ٿيو. هن 14 مهينا جيل ڪاٽيو. هڪ ڀيرو سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کيس ريسٽيڪيٽ به ڪيو. 21 اپريل 2011ع تي کپري ويجهو جيئي سنڌ متحده محاذ جي سينئر وائيس چيئرمئن سرائي قربان کهاوڙ ۽ ٻين ساٿين سان گڏ ڪن ڳجهين قوتن کيس بيدرديءَ سان شهيد ڪيو. کيس وصيت موجب جي. ايم. سيد جي پيرانديءَ، سن واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.09.23  عيسوي

نـوجـوان قومپرست اڳواڻ عبدالجبار عرف روپلو چولياڻي، ڳوٺ شمون خان چولياڻيءَ (تعلقي وارهه، ضلعي قبر شهدادڪوٽ) ۾، عبدالستار چولياڻيءَ جي گهر ۾، 23 سيپٽمبر 1975ع تي ڄائو.


2011.04.21  عيسوي

21 اپريل 2011ع تي کپري ويجهو جيئي سنڌ متحده محاذ جي سينئر وائيس چيئرمئن سرائي قربان کهاوڙ ۽ ٻين ساٿين سان گڏ ڪن ڳجهين قوتن کيس بيدرديءَ سان شهيد ڪيو. کيس وصيت موجب جي. ايم. سيد جي پيرانديءَ، سن واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد حاجن پروفيسر
جانڻ سونارو
پير رشدالله شاهه راشدي
بدر سميجو
جيمس لوئيس مينس
خانو رام ڀڳت
ابراهيم شاهه وڄڙي
پنجل مير بحر
پير ڪامل قريشي
علي احمد قاضي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون